اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊ??شن مينيجمينٽ ??سٽ?? لاڳو ڪرڻ سان تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ ا??اف?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس ک?? ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊ??شن مينيجمينٽ ??سٽ?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.