اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري سرٽيفڪيٽ جي آسان ۽ فوري دستيابي لاءِ ملڪ ۾ ون ونڊو ??پر??شنز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز خصوصي ماڻهن جي آساني لاءِ اسلام آباد ۾ طبي ماهرن ۽ نادرا جي نمائندن ت?? ٻڌل هڪ ادارا جاتي نظام قائم ڪن . اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.