اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اسرائيل جي 11 ڏينهن واري وحشياڻي بمباري سان فلسطين ۾ مارجي ويل ٻارن جي خوابن ۽ انهن جي خاندانن جي ردعمل بابت آمريڪي اخبار ني??يارڪ ٽائيمز جي رپورٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته هي پيغام يهود مخالف نه پر اسرائيل مخالف، صيهونيت مخالف ۽ نسلي فرق جي خل??ف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٻارن جون تصويرون شيئر ڪي??ن ۽ چيو ته اهي دردناڪ تصويرون آهن.