اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاح??ار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊ??و لنڪ جي ذريعي ۽ س??نئ?? آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، انهن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقي??ار ۾ آساني، ٻين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقي??ار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ??ار ۾ ترميم شامل آهي.