اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪست??ن پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پاڪست??ن پروگرام نه ??ڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي س??ن پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪست??ن پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو په??يو اهڙو پروگرام آهي ج??ڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ?? مدد ڪندو. ان سان نه ??ڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.