اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي آهي ته ربيع الاول جي ??هرين عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهائڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر ??زيراعظم کي ٻڌايو ته 12 ربيع الاول جي ??ناسبت سان هڪ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ناليوارن اسڪالرز، مذهبي عالم سڳورن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي گورنر ??زيراعظم کي شرڪت ۽ خطاب جي درخواست ڪئي جنهن کي وزيراعظم منظور ڪيو. وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.