اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمرا?? خان س??ن ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن ??تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمرا?? خان ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي موقعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان س??ن ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي فروغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمرا?? خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي. هن س??حد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پ??ڪ ايران س??حد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن س??ن س??حد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمرا?? خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمرا?? خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پ??ڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت پائيدار هجي ۽ افغانستان رابطن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمرا?? خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان س??ن مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن افغانستان جي مالي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن س??ن س??ت سرديءَ جي موسم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمرا?? خان افغانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عمرا?? خان ايراني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏنو ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.