اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناليواري ڪرڪيٽرز سر ويوين رچرڊس ۽ ڊيوڊ گاور ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ڪرڪيٽ جي فروغ خاص طور تي گهٽ عمر جي ر??ند??گرن جي لاءِ سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ?? ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، حڪومت نوجوان ر??ند??گرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هر علائقي ۾ ر??ند??ن جا ميدان ٺاهڻ جي هدايت ڏني آهي ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن کي صحتمند تفريح جا موقعا ملي سگهن. ٻنهي ڪرڪيٽرز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تازين مئچن ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.