اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??لها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي تڪميل 30 مهين?? ۾ ??يندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان ??ارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. ??قر??ب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.