اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر اسلام آباد جي جامع مسجد مان ”اسلام ۾ خاندان جي نظام جو تصور“ جي موضوع ??ي معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ڊاڪٽر انيس احمد جمعي جو خطبو ڏنو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز اد?? ڪئي، ڊاڪٽر انيس احمد جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ خاندان جي اهميت ۽ تقويٰ جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چي?? ته خاندان تربيت ڏيڻ جو ??هر??ون اد??رو هوندو آهي، خاندان معاشري جو محفوظ هجڻ جي ضمانت آهي، هن چي?? ته اسلام ??ي تصور ۾ خاندان ۾ مرد ۽ عورت برابر آهن الله تعاليٰ هڪ نفس کان ان جو جوڙو تخليق ڪيو، هن چي?? ته خاندان جو تصور محدود نه پر وسيع آهي، جديد تهذيب خاندان جي نظام کي نقصان پهچايو آهي، تقويٰ جو مفهوم الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي، سڀني معاملن ۾ الله جي رضا حاصل ڪرڻ وارا متقي هوندا آهن، اسلام ۾ رهبانيت جو ڪو تصور نه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.