اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته م??الف ڌر جي ”اچو پاڻ ۾ سياست ڪريون“ جي نئين قس?? ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر مولانا سان دوکو ڪري ويون، مولانا صاحب! اهي کوٽا سڪا آهن اهي هلڻ وارا نه آهن، انهن کي ڇڏيو ۽ مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ آواز بلند ڪريو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته م??الف ڌر جي اي پي سي شهباز شريف جي چيلهه جي سور ۽ بلاول جي تنظيمي دوري جي ور چڙ??ي وئي، هن چيو ته هڪٻئي سان سچ نه ڳالهائيندڙ قوم سان ڪيئن سچ ڳالهائي سگهن ٿا.