اسلام آ??اد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي شين جي ??ستي اگهن تي فراهمي جي لاءِ 7 ارب رپين جي ??ليف پئڪيج کي عوام جي لاءِ تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتصادي استحڪام کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، رليف پئڪيج سان گهٽ آمدني وارن طبقن کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ??ي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ??وري جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو.