اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ سان ملاق??ت دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي س??ن عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي س??ن عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.