اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولت?? ۽ ??نفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پناهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سان ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم ميڊيا آ??يس موجب آئنده ٽن مهينن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ??اڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ??لڪ ۾ پناهگاهن کي ري ??اڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معامل?? ۽ ??ڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.