اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي ن??ڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته هن منظم طريقي سان مني لانڊرنگ ڪئ???? شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي سان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ڪردار رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان م??لم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن م??ڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئ??، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ن??ڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئ??. شبلي فراز چيو ته اڳوڻن حڪمرانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.