اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪيپٽن م??مد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرور شهيد جو ن?? ٽٽندڙ حوصلو ۽ وفاداري سدائين جي لاءِ عزم ۽ همت جو م??ال رهندي. ڪيپٽن م??مد سرور شهيد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر وطن ۽ ڪشمير لاءِ سندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضب??ط ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته قوم، ملڪ جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا م??مد سرور شهيد جي بهادري ?? شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چيو ته ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد بهادري جو روشن م??ال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان رقم ڪندڙ شهيد ڪيپٽن م??مد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.