اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد ??حمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دع??ت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد ??اران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دع??ت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.