اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف لکين ماڻهن جو ??سلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو ??بب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغان??تا?? تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو ??سلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهباز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو ??هباز شريف ۽ نواز شريف پاڪ??تا??ي عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪ??تا?? جي مسئلن بابت سنجيده نه آهن. هن چيو ته انهن جو ??اندان اربين رپين جون عياشيون ڪري رهيو آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪري رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ڏيڻو آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي پاڪ??تا??ي عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذ??ري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جل??ن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جل?? ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي منافقت جو ??ندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن افغان??تا?? جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪ??ي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش رهن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو ??بب آهي، شهباز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي رهيو هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.