اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي چيو آه?? ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آه??. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آه??. هن چيو ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آه??، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آه?? ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آه??. شاهه م??مود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آه??. شاهه م??مود قريشي چيو ته عالمي برادريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه م??مود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آه??. پاڪستان افغانستان جي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آه??. شاهه م??مود قريشي چيو ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان اسپين طرفان پاڪستان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آه??ون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آه??. پاڪستان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪي??رن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آه??. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آه??. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه م??مود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آه??، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آه??. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آه??. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آه??، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان سامهون آيل شروعاتي بيان حوصلو ڏيندڙ آه??. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آه?? جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه م??مود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آه?? ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان محفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آه??. شاهه م??مود قريشي چيو ته مون کي خوشي آه?? ته توهان جو هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آه?? جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آه??. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان جو ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آه?? جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪي??رن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آه??. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخد??م شاهه م??مود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.