اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پا?? افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پا??ستان طرفان 300 ٽن کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پا?? افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پا?? افغان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسان جو مسلمان ڀا??ُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فو??ي ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو س??ب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته پا?? افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد نه صر?? افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.