اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، ??ئس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي وينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي به گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪ??ات?? کي منهن ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته معاشي مشڪ??ات??ن عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي مناف??و ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پ??ها??دار طبقي جون مشڪ??ات??ن آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جي پ??ها??ن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.