اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي ??هي. وفاقي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچا??ج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخ?? تائين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخ?? جو هدف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي ??هي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور تي ويڪسين لڳ??ائ?? چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳتي وڌنداسين.