اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي ??ي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ و??ير??عظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي ??ي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي ??ي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀا??رن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي ??ي وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو لازوال رشتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ترڪي ??ي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وا??و وفاقي وزير غلام سرور خان، بحري معاملن وا??و وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.