اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ??ور??نا وائرس جي وبا جي خلاف شاندار حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، انهي حڪمت عملي جي ڪري اڄ اسان جون حالتون دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر آهن، سياسي مخالفن جو ڪم مايوسي ۽ ڪوڙ پکيڙڻ آهي، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حقيقتون بيان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن جدا سياري تي نه آهي، حقيقت اها آهي ته اڄ پاڪستان جي انڊسٽري بحال ٿي چڪي آهي، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر پو??ي طرح فعال آهي، زرعي معيشت خوشحال آهي ۽ ??ءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مزدور، آبادگار ۽ انڊسٽري سمورن جي آمدنين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ انشاءَ الله 6 کان 8 مهينن ۾ عالمي قيمتون به نارمل ٿيڻ شروع ٿي وينديون.