اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون ح??صل ڪري ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ??هڙ?? خيالن جو اظه??ر هن بلوچستان ري??يڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آءِ ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ جي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بلوچستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ري??يڊنشل ڪاليجز جي قيام تي بلوچستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو ??مي?? ڪري ٿو ته ري??يڊنشل ڪاليجز صوبي جي تعليمي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.