اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامي معاشرو ۽ احترام قانون“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ??يو وي??، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ??يو??ن صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عثمان خطبي ۾ اسلامي معاشري ۾ احترام قانون ۽ عهد جي پاسداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلامي تعليمات ۾ انفرادي سان ??ڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات مان هڪ امانتن ۽ عهد جي پاسداري بيان ??ئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عهد جي پاسداري جا مثال بيان ??ندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو ج??هن ۾ مسلمانن جي گڏيل معاملن سان ??ڏوگڏ ٻين قومن سان ??يل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فرد جي لاءِ لازم آهي ته هو ج??هن ملڪ جو رهواسي آهي ان جي قانون جي پيروي ڪري، اها عهد جي پاسداري جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قانون جي خلاف وريزي اصل ۾ اسلامي تعليمات جي رو گرداني ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ اسلامي رياست جي قانون جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ??رڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.