اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر فضل محمد خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاق??ت ۾ چارسده ضلعي ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم مقامي سطح تي ڪارڪنن کي مت??رڪ ڪري پارٽي کي مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي، هن ضلعي انتظاميه سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.