اسلام آباد ??? 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجرا??ي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪندو، هن چي?? ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري انصاف جي فراهمي اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سان رجوع ڪن. هن چي?? ته فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آ??ي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چي?? ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجرا??ي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.