اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسلام جا ٺيڪيدار اسلام بدران اسلام آباد جي لاءِ سي??ست ڪري رهيا آهن، اسلام?? فوبيا جي حوالي سان او آءِ سي جا سڀئي ملڪ هڪ پيج تي آهن، وزيراعطم عمران خان سدائين اسلام?? فوبيا تي ڳالهائيندو رهيو، 22 ۽ 23 مارچ تي 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ موجود هوندا، ان موقعي تي پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سڀني کي قومي سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس مسلمان دنيا جي ترجماني ڪندو، سڄي قوم مسلمان دنيا لاءِ هڪ خوشي جو موقعو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلام?? فوبيا کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پاران پيش ڪيل ??را??داد کي متفقه طور تي منظور ڪيو، اسلام?? فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙي جي ??را??داد ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي فورمن تي عمران خان ڏيڍ ارب مسلمانن جي ترجماني ڪئي ،اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو 2019ع ۾ مڪي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ و??يراعظم عمران خان اسلام?? فوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي ڳالهه ڪئي، سيپٽمبر 2019ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ و??يراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اسلام?? فوبيا ۽ ناموس رسالت تي ڪيس دنيا جي سامهون رکيو. دنيا ۾ جنهن انداز سان اسلام?? فوبيا تي مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، نيوزي لينڊ ۾ مسجد اندر حملو ٿيو، اولهه ۽ تازو ئي ڀارت جي اندر حجاب پائڻ تي عورتن تي حملا ٿي رهيا آهن، هندستان ۾ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي ڪري او آءِ سي جي 2020ع جي اجلاس ۾ اسان جي پرڏيهي وزير 15 مارچ تي اسلام?? فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏهاڙو ??را?? ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، 15 مارچ تي اسلام?? فوبيا جو عالمي ڏينهن ??را?? ڏيڻ جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هڪ سچو عاشق رسول ﷺ، سچو مسلمان هجڻ جي ناطي عمران خان دنيا جي سامهون اسلام جو ڪيس وڙهيو، مملڪتي وزير چيو ته اولهه جيڪو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اهو ئي وزيراعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان دنيا جي سامهون معذرت خواه وارو ??ويو ترڪ ڪيو، روس جي صدر اسلام?? فوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو، آمريڪا جي ايوان جي نمائندن کان به ??را??داد سامهون آئي، وزيراعظم عمران خان مسلمانن جي دلين جي ترجماني ائين ئي جاري رکندو. هتي فضل الرحمان عمران خان تي تنقيد ڪندو رهيو آهي جيڪو حقيقتن جي منافي آهي، عمران خان جي ڳالهه کي دنيا توجهه ڏي ٿي، اسلام?? فوبيا تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم بڻيو آهي هر موقعي تي پاڪستان ڪشميرين سميت جتي جتي انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن کي اجاگر ڪيو، افغانستان جي معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جي نمائندگي پاڪستان کي ملي آهي، هن چيو ته سي??سي سرگرميون ان وقت جمهوريت جو حسن آهن جيسيتائين ان ۾ شدت شامل نه هجي، هڪ مارچ ۽ هڪ شارٽ مارچ جي اسان اجازت ڏني جيڪڏهن ڪنهن تشدد کانسواءِ ڪا سرگرمي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي.