اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طح?? چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين جي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسلي امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت والاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کي عالمي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زور ڏنو. افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي م??صدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون جاري رک?? تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طح?? چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين رکي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد ??ي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي م??هن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.