اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگ??دا??ي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ت??جمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگ??دا??ي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين ??ميت معصوم جانين ??و نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين ??ان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين ??ي وارثن سان دلي ت??زيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گ??فتاري ۽ کين ??نصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين ??وستي ۽ جاري ت??اون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.