اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مم??ڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مم??ڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مم??ڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وز??را??ظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر ??وڳ?? آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي مل?? جي نئين وز??را??ظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمب??ي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وز??را??ظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.