ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ ا??ن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، سردار محمد اختر جان مينگل، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ ج??رل سرفراز علي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي ۾ ا??ن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظ?? چيو ته صوبي ۾ ا??ن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي ??هي، بلوچستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ نئين وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي.