قلع?? سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عم??دا??ن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏن??. و??يراعظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلع?? سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آه??. و??يراعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ما??هن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ما??هن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي انگن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو وي??دو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ما??هن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ما??هن تائين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عم??دا??ن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي امداد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي اهلڪارن ڀرپور مدد ڪئي آه??. و??يراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ما??هن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.