اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ??ائره قوم کي 75هين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي، ته اسان سڀني ??ي گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريب جي حوالي سان هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران ملڪ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا ۽ مختلف مرحلن مان ??ذريو آهي. هن چيو ته اسان ??ي هڪٻئي کي هيٺاهي?? ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي ۽ پاڪستان ??ي هڪ جديد ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي.