اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ خيبرپختونخواه?? جي ٻوڏ متاثر ضلعن نوشهره ۽ چارسده جو دورو ڪندو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ?? امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺندو، مهمند ڊيم جي جڳهه جو دورو پڻ ڪندو.