اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سبب ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي واري ??ورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪست??ن جي مدد ڪن. هن سالياني پري ??نرل اسيمبلي پريس ڪانفرنس دوران پاڪست??ن جي سرڪاري ??ابرو ايجنسي اي پي پي جي نمائندي طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو موسمياتي بحران تي عالمي سطح تي ناڪافي قدمن جو ثبوت آهي. مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جو اندازو لڳائڻ ناقابل تصور آهي جيڪو هن پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقا منهنجي ملڪ پرتگال جي ڪل ايراضي کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. هن چيو ته گڏيل قومون پاڪست??ن جي مدد لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهن پر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ وسيع مالي وسيلن جي ضرورت آهي، جيڪي وڏي ٽاسڪ لاءِ تمام ضروري ??هن ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪست??ن جي مدد لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته ماحولياتي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم ناڪافي ۽ غير منصفاڻا آهن ۽ هي ه?? دوکو آهي، هن چيو ته چاهي پاڪستان هجي، آفريقه، سمنڊ، ننڍا ٻيٽ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ، دنيا جي انتهائي ڪمزور ملڪ ماحولياتي بحران پيدا ڪرڻ جو سبب نه آهن پر اهي ملڪ ڪاربن اخراج جو سبب بڻجندڙ وڏن ملڪن جي خوفناڪ قيمت چڪائي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل دنيا ج?? امير ملڪن جي سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو ماحولياتي بحران سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جا ذميدار آهن ۽ اهو ئي نه رڪارڊ ڏڪار، ٻيلن ۾ باهه ۽ ٻوڏ، ماحولياتي تبديلي جا وسيع پئماني تي اثر پيا آهن.هن زور ڀريو ته سمورن ملڪن کي هر سال ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري ??ائين محدود رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن زور ڀريو ته سمورا ملڪ هن وقت گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻين، ڇو ته دنيا اڄ ٻوڏ کان محفوظ نه ٿيندي ته اس??ن جو سڀاڻي به محفوظ نه هوندو.