اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ??يم?? جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اس??وڪ?? ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش ??هي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم?? جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اس??وڪ?? بهترين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.