اسلام آباد– 10 – نو??بر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغا??ست??ن بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مو??ب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغا??ست??ن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغا??ست??ن کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغا??ست??ن جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط ه??فن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.