طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طو??خم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزا?? ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طو??خم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل ت??ج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزا?? ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزا?? ڊالر جي غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غيرملڪي ڪرنسي خاص طو?? تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان ??ه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.