اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪي?? ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي نئ??ن پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 ه??ن پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪي?? ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪي??ن آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ناظم الامور، وا??نگ??ن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪي??شو يونيورسٽي جاپان ما?? انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.