اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي ??ابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آ??ي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر ??رڪ??ي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي ??ابندي، ??فائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتون پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي راءِ ۾ عورتن کي ??رڪ??ي هال ۾ مخصوص جڳهه تي ??ماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، ??ورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ ??رڪ??ي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ??ڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهت??ي لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آ??ي، ??رڪ??ي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي ??ڌيڪ وضاحت ڪن.