اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو ??ي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو ??ي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شع??ن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيرا??ظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري سان يو ??ي اي جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو ??ي اي جي دوري جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيرا??ظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو.