اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علا??قي ۾ بستين کي ق??نوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علا??قي ۾ 9 بستين کي ق??نوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي ت??زي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي ق??نون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي ??هي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي ق??م ڇڪ??اڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.