اسلام آباد– 13 – فيبر??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي صحت جي فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيند?? چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبابندي جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار گڏيل قومن جي آبادي ف??ڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبابندي بابت ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبابندي ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي بنيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوبابندي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب پ??ري ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمز??ري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبابندي ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آبادي ف??ڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آبادي ف??ڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪند?? چيو ته آبادي ف??ڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سم??ري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شبان?? چيو ته آبادي ف??ڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوبابندي جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو آبادي ف??ڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي ف??ي ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.