اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وق?? جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پيش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گه??يءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پيش ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گو??ي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گه??يءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گه??يءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گه??يءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو لڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرا?? جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟