راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آء?? چي??رم??ن ع??ران خان جي الزامن کي من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آء?? ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آء?? چي??رم??ن بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.