اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پر??يه?? وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قياد?? ڪئي. جارجيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪ?? ڪندي پر??يه?? سيڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو. پر??يه?? سيڪريٽري جارجيا جي پر??يه?? وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقا?? ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پر??يه?? سيڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پر??يه?? سيڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نم??ئندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪ?? ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.