اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي تو??يق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏي?? جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪ?? امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪ?? امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي تو??يق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.