پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختون??وا??ه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ??نس??يڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختون??وا??ه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ مالي معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي مالي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چ??و ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختون??وا??ه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مد?? سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختون??وا??ه جي يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽ??ز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختون??وا??ه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چ??نس??رز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني.